انشاء عطارد

انشاء عطارد

انشاء عطارد 1

انشاء عطارد (ڪتاب): هي ڪتاب منشي شيوڪ رام عطارد جي اهم تصنيف آهي، هي ڪتاب 115 رقعات تي مشتمل آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلهوڙن جي دور بابت هي انتهائي اهم دستاويز جي حيثيت رکي ٿو، ڇو ته هي انهن خطن جو مجموعو آهي جيڪي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ ميان سرفراز خان عباسيءَ جي دور حڪومت ۾ انهن جي طرفان مختلف حاڪمن، اميرن ۽ وزيرن کي لکيا ويا هئا، خصوصاً هن تصنيف ۾ مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ ميان سرفراز خان بابت ڪافي معلومات آهي. شيوڪرام عطارد کي مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر جي سفارش تي ڪلهوڙن جي درٻار ۾ ملازمت ملي. هن ڪتاب جا چار قلمي نسخا مليا آهن. هڪ نسخو ميرزا عباس علي بيگ جي ڪتبخاني ۾، هڪ پير حسام الدين راشديءَ جي ڪتبخاني ۾، هڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتبخاني ۾ ۽ چوٿون فوٽو ڪاپيءَ جي شڪل ۾ ڪليم لاشاريءَ وٽ محفوظ آهي. هن ڪتاب ۾ جملي 115 خط آهن. ڊيمي سائيز ۾ 188 صفحن تي هي مشتمل ڪتاب ڊاڪٽر خضر نوشاهيءَ جو مرتب ڪيل ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ، حيدرآباد طرفان 2013ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 200 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو